ڌاريجو، منصور خان

ڌاريجو، منصور خان

ڌاريجو منصور خان

ڌاريجو، منصور خان: سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ سردار منصور خان ڌاريجي جو اصل نالو علي مراد ولد خان ڌاريجو'>علي نواز خان ڌاريجو آهي. هن 1947ع ڌاري ڳوٺ دادلوءِ تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو، سندس والد مشهور زميندار ۽ M.L.A ٿي گذريو آهي. هن ابتدائي تعليم پني عاقل مان ورتي، اسلاميه ڪاليج سکر مان انٽر ۽ گريجوئيشن ڪرڻ بعد زمينداري ۽ سياسي سرگرمين ۾ مصروف رهيو. اڪثر آزاد اميدوار طور پني عاقل تڪ تان چونڊ وڙهندو رهيو آهي. 1985ع وارين عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايائين، پنهنجي ڳوٺ ۾ صحت مرڪز قائم ڪرائڻ سميت ۽ مڊل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏياريائين.
اڄڪلهه پيپلز پارٽيءَ سان وابسته آهي، پر طبيعت جي ناسازيءَ سبب سياست کان پاسيرو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو